عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انهي رقم سان 55 لک متاثرين کي فائدو پهچندو.

عالمي بينڪ موجب اها رقم ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سري سان تعمير تي خرچ ڪئي وڃي. رقم خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين تي خرچ ڪئي ويندي.

عالمي بينڪ موجب رقم مان 55 لک متاثرين کي فائدو پهچندو. فنڊز خيبرپختونخواهه جي ڏوراهين  علائقن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ به استعمال ٿي سگهندا.

ياد رهي ته ان کان اڳ اسلامي ترقياتي بينڪ ٻوڏ متاثر پاڪستاني علائقن ۾ نئين سري سان تعمير ۽ بحالي لاءِ 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.