اسلام آباد: حڪومت 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪندي قومي اسيمبلي مان ٺهراءُ پڻ منظور ڪرائي ورتو آهي
بچاءَ واري وزير خواجا آصف ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هيءَ ايوان 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿو ۽ گهُر ٿو ڪري ته وڳوڙين خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا وڃن
ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هڪ جماعت ۽ ان جي قائد 9 مئي تي سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا
جوابدارن خلاف ڪارروائي ۾ هڪ ڏينهن جي به دير نه ڪئي وڃي ۽ سمورن جوابدارن خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952تحت ڪارروائي ڪري سزائون ڏنيون وڃن