سي پيڪ خطي جي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو: سعودي پرڏيهي وزير

بيجنگ: سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته چين 430 ارب ڊالرن سان عرب ملڪن جو سڀني کان وڏو ڀائيوار آهي. سي پيڪ خطي جي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

رياض ۾ چين ۽ سعودي بزنس فورم کي خطاب ڪندي شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي صنعتي، خلائي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاون کي هٿي اولين ترجيح آهي.

شهزادي فيصل بن فرحان وڌيڪ چيو ته  رياض طرفان هڪ روڊ ميپ تيار ڪيو ويندو جيڪو صنعت، سائنس، مواصلات ۽ گرين ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيندو. هن چين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو.