سامونڊي طوفان: ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي علائقن جي آبادين کي منتقل ڪرڻ جون تياريون تيز

سامونڊي طوفان جي سنڌ ڏانهن رخ ڪرڻ بعد سمنڊ ۾ چاڙهه، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي علائقن جي آبادين کي منتقل ڪرڻ جون تياريون تيز، ڪيٽي بندر جي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو

ڪيٽي بندر جي حفاظتي بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌڻ لڳو، ضلعي انتظاميا پاڪ فوج ۽ نيوي جي مدد سان اڄ کان ڪيٽي بندر جي ٻيٽن جا ڳوٺ خالي ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪندي، ٻگهاڻ شهر ويجهو ٽن اسڪولن کي رليف ڪيمپس ۾ تبديل ڪيو ويو

 طوفان جي خطري سبب ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، شاهبندر ۽ جاتي جي رهواسين ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ڪيٽي بندر ۽ سجاول جو دورو ڪري طوفان کي منهن ڏيڻ وارن انتظامن جو جائزو وٺندو

Cyclone: ​​Preparations to evacuate the coastal areas of Thatto