جهانگير ترين سان ملاقات نه ٿي آهي، نه ئي ڪا آڇ قبول ڪئي آهي: پرويز خٽڪ ترديد ڪري ڇڏي

پشاور:  اڳوڻي وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته جهانگير ترين سان ڪابه ملاقات نه ٿي آهي نه ئي وري ڪا آڇ قبول ڪئي آهي.

هڪ انٽرويو ۾ پرويز خٽڪ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

پرويز خٽڪ چيو ته جهانگير ترين سان منهنجي ڪابه ملاقات نه ٿي آهي هن وقت مان سياسي معاملن تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان.

پرويز خٽڪ چيو ته مون کي جهانگير ترين جي پارٽي ۾ سيڪريٽري جنرل جي ڪابه آڇ نه ٿي آهي نه ئي وري مون ڪا آڇ قبول ڪئي آهي. هن چيو ته مان پنهنجي جڳهه تي آهيان ۽ صوبي ۾ پنهنجن ساٿين سان رابطي ۾ آهيان.

Has not met Jahangir Tarin