تحريڪ انصاف جي دعويٰ غلط ثابت: بي آر ٽي منصوبو هڪ کرب خرچ ڪرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو

اسلام آباد:  پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان بي آر ٽي سروس بابت سمورا دعويٰ اڌورا رهجي ويا. تحريڪ انصاف دعويٰ ڪئي ئي ته بي آر ٽي بس سروس نه صرف سستو ترين منصوبو هوندو پر ان ۾ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ هلندڙ ميٽرو بس منصوبن جيان سبسڊي پڻ ڏني ويندي.

بس سروس کي شروع ٿيندي 34 مهينن جو وقت گذري چڪو آهي، اهڙي طرح سموريون دعوائون غلط ثابت ٿيون، منصوبو اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته ان جي لاڳت هڪ کرب روپين کان به ٽپي وئي آهي.

اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ دعويٰ ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ميگا پروجيڪٽ بي آر ٽي پراجيڪٽ سڄي دنيا جي مقابلي ۾ گهٽ لاڳت، تيز ترين تعمير ٿيندڙ ۽ پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪندڙ منصوبو هوندو پر صورتحال ان جي ابتڙ آهي.

3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر  نه اهو منصوبو مڪمل ٿيو نه ئي  پنهنجن پيرن تي بيهي سگهيو. منصوبي جي لاڳت هڪ کرب روپين کان وڌي وئي آهي. جڏهن ته هن کي ساليانو 2 ارب روپين کان وڌيڪ سبسڊي ڏني پئي وڃي.

جاچ جي خواهشمند نگران حڪومت بي آر ٽي منصوبي جي جاچ تي سپريم ڪورٽ جو حڪم امتناع ختم ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.