عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانن سبب آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿي رهيو آهي: خرم دستگير

اسلام آباد: وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانن سبب آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿي رهيو آهي.

گوجرانوالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وزير خرم دستگير چيو ته پاڪستان جي قرضن ۾ تحريڪ انصاف 90 سيڪڙو واڌ ڪئي جنهن سان پاڪستان جا وسيلا گهٽجي ويا. گذريل حڪومت سي پيڪ کي به روڪيو، منصوبن تي ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي.

خرم دستگير چيو ته 2019 ۾ آءِ ايم ايف سان ان وقت جي حڪومت سودو ڪيو پوءِ 2021 ۾ ان کي ٽوڙيو ويو. عمران خان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي  تباهه ڪئي.  گذريل حڪومت جي واعدن جي ڀڃڪڙي سبب  ڪير به پاڪستان مٿان ڀروسي جي لاءِ تيار نه آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪو  معاهدو نه ٿي رهيو آهي ان جو سبب عمران خان جا آمريڪا مخالف بيان آهن.

وفاقي وزير چيو ته بجيٽ ۾ سولر پينل ۽ خام مال تي به ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. پهرين جولاءِ کان سولر پينل جي خام مال جي امپورٽ مفت ٿي ويندي. هن چيو ته ٿر هاڻ خواب نه پر حقيقت آهي اسان هاڻ اتان کان بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. نيو ڪليئر کان به بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. بجلي جي قيمت ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي وئي آهي اسان ان کي روڪي رکيو آهي. بجلي جي  ورهاست ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. اهو سي پيڪ جنهن کي گذريل حڪومت مفلوج ڪري ڇڏيو هو اهو به هاڻ هلي رهيو آهي.