لاڙڪاڻو: تحريڪ انصاف سنڌ جي سينيئر نائب صدر امير بخش ڀٽو ۽ نائب صدر الله بخش انڙ پاران به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير بخش ڀٽو چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪرڻ سياست نه آهي
هن چيو ته مون کي پارٽي هڪ سال اڳ ڇڏڻ گهرجي ها، اسان جي پارٽي ڇڏڻ جو هاڻوڪي صورتحال ۽ ابتي وهندڙ گنگا سان ڪو به تعلق نه آهي، ڪجهه عرصي لاءِ سياست کان پاسيرو رهڻ بعد سياسي مستقبل بابت فيصلو ڪندس