اسلام آباد: دبئي ۾ رهندڙ ارب پتي واپاري عمر فاروق ظهور مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي اڳوڻي گهرو وزير شهزاد اڪبر ۽ ماڊل صوفيه مرزا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
شهزاد اڪبر ۽ ماڊل صوفيه مرزا خلاف اسلام آباد سيڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. ايف آءِ آر ۾ صوفيه مرزا جي ڀيڻ مريم مرزا، مائره خرم کان علاوه عميد بٽ ۽ علي مردان شاهه به نامزد آهن.
ايف آءِ آر موجب نامزد ماڻهن خلاف ڌوڪو ڏيڻ جعلي دستاويزات جي تياري، ڀته خوري، هتڪ عزت ۽ خطرناڪ ڌمڪيون ڏيڻ جا قلم داخل آهن.
عمر فاروق ظهور خلاف انتقامي ڪارروائي لاءِ ڪوڙا ڪيس پي ٽي آءِ جي 2020 واري حڪومت جي دور ۾ ٺاهيا ويا هئا.