عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ تي امڪاني آپريشن، پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي

لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ لاهور ۾ امڪاني آپريشن کي نظر ۾ رکندي ڪينال روڊ تي پوليس جي وڏي نفري ڌرم پوره ڦاٽڪ ويجهو پهچي وئي آهي. ڌرم پوره انڊر پاس وٽ ٽريفڪ جام هجڻ سبب ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پوليس مال روڊ کان زمان پارڪ ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ اچ وڃ جي لاءِ بند ڪري ڇڏي آهي. زمان پارڪ ويجهو ڌرمپوره پل، علامه اقبال روڊ، مال روڊ، ڳڙهي شاهو ڪينال روڊ تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

ڏنڊن سان ليس بلٽ پروف جيڪٽس پاٽل پوليس جا جوان پنهنجي موبائيل وينز سان گڏ موجود آهن. ڌرمپوره پل تي ٽريفڪ جو رش هجڻ سبب پوليس جا جوان روڊ تي الرٽ بيٺل آهن. پوليس طرفان ڪينال روڊ کان مال روڊ ۽ زمان پارڪ ايندڙ وڏين گاڏين جي تلاشي ورتي پئي وڃي.

ذريعن موجب جنهن گاڏي ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن يا پارٽي جو جهنڊو موجود آهي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ڪجهه گاڏين کي پارٽي جا جهنڊا هجڻ تي زمان پارڪ طرف وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.

Imran Khan's residence Zaman Park probable operation