ڪراچي مان گم ٿيل واسي سيڙپڪار ۽ پ پ اڳواڻ اياز مهر بازياب

ڪراچي مان پراسرار طور گم ٿي ويل سنڌ جو ناليوارو چڪ واسي سيڙپڪار ۽ پ پ اڳواڻ اياز مهر بازياب ٿي گهر پهچي ويو

اياز مهر وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مان پنهنجي ڪراچي واري گهر خيريت سان پهچي ويو آهيان

اياز مهر وڊيو بيان ۾ پنهنجي گمشدگي بابت ڪجهه به نه ٻڌايو، اياز مهر پنهنجي بازيابيءَ لاءِ آواز اٿارڻ تي سڀني جا ٿورا مڃيا

اياز مهر جي بازيابيءَ جي خوشيءَ ۾ چڪ شهر ۾ مٺايون ورهايون ويون

گذريل مهيني پراسرار طور گم ٿي ويل اياز مهر جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا هئا

Ayaz Mehr Baziab