شيرين مزاري کانپوءِ فواد چوڌري کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم، پوليس طرفان ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڳوڙن جي ڪيس ۾ گرفتار شيرين مزاري کانپوءِ فواد چوڌري کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حڪم جاري ڪيو، جسٽس گل حسن رمارڪس ۾ چيو ته چيف جسٽس گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جنهن تي عمل نه ٿيو

 ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته فواد چوڌري کي ڪنهن ڪيس ۾ نه پر ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو، عدالت ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان روڪيو هو، فواد چوڌري کي پنهنجي ڪنڊڪٽ سان ثابت ڪرڻو پوندو ته هو پرامن شهري آهي

عدالت سوال ڪيو ته پوليس کي فواد چوڌري جي گرفتاري کان روڪڻ بابت ڪو دستاويز ڏيکاريو ويو؟ پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته آرڊر ڏيکاريو ويو ته پوليس آفيسر چيو ته مون کي انگريزي نه ٿي اچي

 عدالت فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ميان گل حسن جي عدالت ان کان اڳ شيرين مزاري کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

جڏهن ته عدالت پاران آزاد ڪرڻ جي حڪم بعد پوليس پاران ٻيهر فواد چوڌري کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فواد چوڌري گاڏي مان ڀڄي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿي ويو

Fawad Chaudhary was ordered to be released after Shireen Mazari