عمران خان جي 2 ڪيسز ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور، ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 2 ڪيسز ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جي وڪيل طرفان حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست ڏني وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو ته عمران خان وڌيڪ ڪيسز ۾ ڪهڙي ڏينهن اچڻو آهي؟ ان ڏينهن جي تاريخ مقرر ڪريون.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جي آڏو عمران خان جو وڪيل بيرسٽر گوهر ۽ علي بخاري پيش ٿيا جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بيرسٽر جهانگير جدون به عدالت ۾ پيش ٿيو. اسلام آباد پوليس جون اختياريون به عدالت ۾ موجود هيون.

عمران خان جي وڪيل چيو ته اڄ اسان عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري رهيا آهيون جنهن تي عدالت عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي 2 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

Imran Khan's request for exemption from attendance in 2 cases approved