وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن پاران وزيراعظم کي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو مشورو

اسلام آباد:وفاقي ڪابينه جي اجلاس دوران ڪيترن ئي ميمبرن وزيراعظم کي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس شروع ٿيو ته ميمبرن 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال تي خدشن جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب ڪابينه اجلاس دوران مختلف ڪابينه ميمبرن وزيراعظم کي ملڪ ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لڳائڻ جو مشورو ڏنو.

ميمبرن طرفان چيو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي. وزيراعظم فوري طور تي قدم کڻي. ان تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي ڊي ايم ۽ اتحادين سان ملڻ چاهيان ٿو انهن سان مشاورت کان سواءِ فيصلو نٿو ڪري سگهان.

جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه اجلاس ۾ 4 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو وزيراعظم جي پي ڊي ايم اڳواڻن سان مشاورت کان پوءِ ڪابينه اجلاس ٻيهر شروع ٿيندو.