پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد ۽ شيرين مزاري گرفتار

اسلام آباد: تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر ياسمين راشد ۽ شيرين مزاري کي گرفتار ڪيو ويو. ان حوالي سان عندليب عباسي چيو آهي ته ياسمين راشد کي صبح ساڍي 6 وڳي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ڊاڪٽر شيرين مزاري کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد کي صوبائي گادي واري شهر لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس گرفتاري جي تصديق پي ٽي آءِ اڳواڻ عندليب عباس طرفان به ڪئي وئي آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اڳوڻي صوبائي وزير کي  ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ گذريل رات اسلام آباد مان پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري کي به گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب شيرين مزاري کي اسلام آباد ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گرفتاري جي تصديق سندس ڌيءَ ايمان مزاري طرفان به ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي بلوچستان اسيمبلي ميمبر خان خلجي کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس اختيارين موجب خان خلجي کي ٿري ايم پي او جي تحت گرفتار ڪيو ويو. مبين خلجي کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪوئٽه ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو.