چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي
آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي 15 منٽن اندر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته هدايت وٺي ٻڌايو ته ڪنهن جي چوڻ تي هيءَ ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ضرورت پئي ته وزيراعظم ۽ وزيرن خلاف به ڪارروائي ڪنداسين