حڪومت عوام کي وڏو ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سڄي ملڪ ۾ امڪاني طور تي چونڊن کان اڳ عوام کي وڏو ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نجي ٽي وي موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.

پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 40 هزار روپيه ماهوار ڪئي ويندي. جون جي ٻئي هفتي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. وزيراعظم ۽ اتحادين جي مشاورت سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

نئين بجيٽ جي تياري ۾ آءِ ايم ايف جي خدشن کي  به آڏو رکيو ويندو. اتحادي پارٽين سان گڏ ترقياتي فنڊن تي به اهم فيصلا ڪيا ويندا.