اسلام آباد: وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، نون ليگ پاران به فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي
اٽارني جنرل 8 رڪني بينچ آڏو دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ترميم فل ڪورٽ ئي ڪري سگهي ٿي، عدليه جي آزادي ۽ رولز بابت فيصلو ۽ ڪيس به فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي
جسٽس اعجاز الحسن چيو ته سوال قانونسازي جي اختيارن جو آهي، رولز ۾ ترميم جو نه آهي، جسٽس مظاهر نقوي سوال ڪيو ته ڇا ماضيءَ ۾ اهڙي قانونسازي ٿي آهي؟ آرٽيڪل 91 جي هوندي اهڙي قانونسازي ڪيئن پئي ٿي سگهي؟
اٽارني جنرل چيو ته 1992 تائين رولز ٺاهڻ لاءِ صدر جي اجازت گهربل هئي، رولز آئين ۽ قانون موجب ٺاهڻ واري شق رکي وئي، ماضي ۾ ڪڏهن اهڙو ڪيس نه آيو آهي، ان ڪري فل ڪورٽ جوڙي وڃي
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪا به بينچ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي، ڇا حڪومت فل ڪورٽ جو فائدو کڻڻ گهري ٿي؟ ڇا حڪومت چاهي ٿي ته عدالت جو اندروني بحث ٻاهر اچي؟
چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ظاهري طور توهان جي هن ڪيس مان نه ٿو لڳي ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي