چيني پرڏيهي وزير جي پاڪستاني هم منصب سان ملاقات: ڳالهين جو دور مڪمل

پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهتل چيني پرڏيهي وزير چن گانگ جي پاڪستاني هم منصب سان ون آن ون ملاقات کان پوءِ وفد جي سطح تي ڳالهين جو دور مڪمل ٿي ويو

 پرڏيهي آفيس ۾ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن پنهنجي پنهنجي وفدن جي سربراهي ڪئي، چيني پرڏيهي وزير سان ون آن ون ملاقات کان پوءِ بلاول ڀٽو ۽ چن گانگ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي

 بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان هر فورم تي چين جي حمايت ڪندو، چين سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي بلندين کي ڇُهي رهيا آهن

 بلاول ڀٽو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نواز شريف انهن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف به چين سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو

 پرڏيهي آفيس هڪ پڌرائي ۾ چيو آهي ته ٽه ڌري وزارتي اجلاس شام 5 وڳي شروع ٿيندو، بلاول ڀٽو زرداري، چن گانگ ۽ افغان پرڏيهي وزير  ٽه ڌري وزارتي اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ علائقائي سهڪار تي ڳالهيون ڪندا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽيءَ طالبان انتظاميا جي پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات لاءِ پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو