واٽس ايپ صارفين لاءِ اهم خبر!

واشنگٽن: اڪثر ۽ گهڻي قدر صارفين واٽس ايپ تي ايندڙ اڻڄاڻ فون ڪالز جي شڪايت ڪندا رهندا آهن ۽ جيڪڏهن سندس فون سائلينٽ موڊ تي نه هوندو ته اهڙي قسم جون فون ڪالز ڪنهن به گڏجاڻي يا گفتگو دوران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن.
صارفين کي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ضروري ڪم دوران به غير ضروري ڪال سبب پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، پر هاڻي ان جهنجهٽ مان جند آجي ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي.
واٽس ايپ بيٽا انفو جي تازي رپورٽ موجب، اُهي اينڊرائيڊ صارفين جن پنهنجو واٽس ايپ اَپ ڊيٽ ڪري ورتو آهي هو ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
واٽس ايپ بيٽا انفو طرفان جاري ڪيل هڪ اسڪرين شاٽ موجب، ڪجهه بيٽا ٽيسٽرز اڻڄاڻ ڪال ڪندڙن کي سائلينٽ ڪري سگهن ٿا، اِهو فيچر اوهان کي واٽس ايپ جي سيٽنگز ۾ پرائيويسي واري آپشن ۾ دسيتاب هوندو.
ان فيچر تحت جنهن به اڻڄاڻ نمبر تان اوهان ڏي ڪال ايندي، اوهان ان جي رنگ ٽون ٻڌڻ ۾ نه ايندي، پر فون تي نوٽيفڪيشن ضرور نظر ايندو.
ڄاڻايل فيچر اوهان لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جنهن ذريعي اوهان جو وقت ۽ ڪاوربار جي بچت ٿيندي ۽ هر هر اوهان کي اڻوڻندڙ فون ڪالز جو جواب به نه ڏيڻو پوندو.
هي فيچر فلحال ڪجهه اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ته هوريان هوريان سمورن صارفين لاءِ پيش ڪيو ويندو.