منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڄاڻايل آفيسرز سميت 41 اهلڪار معطل

ڪراچي: آءِ جي سنڌ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڄاڻايل ٻن ڊي ايس پيز ۽ 6 ايس ايڇ اوز سميت 41 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ صوبائي ٽاسڪ فورس جي سفارش تي سخت قدم کنيو آهي

 معطل ٿيلن ۾ ايس ڊي پي او نيو ڪراچي ڪنور آصف سرفراز ۽ ايس ڊي پي او ٽنڊو غلام انور حسين شاهه شامل آهن

 ايس ايڇ او شريف آباد غلام حسين پيرزادا، ايس ايڇ او بلال ڪالوني آفتاب عباسي، ايس ايچ او گلبرگ اشرف جوڳي، ايس ايڇ او پاڪ ڪالوني ڀائي خان، ايس ايڇ او سعيد آباد شاڪر علي ۽ ايس ايڇ او اتحاد ٽائون ارباب غلام رسول به معطل ٿي ويا

 ايس ايڇ او اي سيڪشن لطيف آباد نياز احمد پنهور ۽ ايس ايچ او حالي روڊ نثار احمد شاهه به معطل ٿي ويا، سب انسپيڪٽر وحيد، اي ايس آءِ گل فراز، اي ايس آءِ ناصر، اي ايس آءِ علي دوست به معطل ٿي ويو