سنڌ ۾ گٽڪو، مين پوري ۽ ٻين نشي وارين سوپارين تي پابنديءَ جو حڪم برقرار

ڪراچي: سنڌ ۾ گٽڪي، مين پوڙي ۽ ٻين نشي وارين سوپارين تي پابنديءَ جو حڪم برقرار، آءِ جي سنڌ کي سموري صوبي ۾ پابندي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ان سلسلي ۾  سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ پاران گٽڪي ۽ مين پوڙي تي پابنديءَ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گٽڪي ۽ مين پوڙي بابت قانون ۾ ترميمون تجويز ڪري رپورٽ گهرو کاتي ڏانهن اماڻي وئي آهي

عدالت پاران تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي گهرو کاتو ترميمن جو جائزو وٺي قانون واري کاتي ڏانهن اماڻي، پابنديءَ واري قانون ۾ ترميمن کي ترجيحي بنيادن تي ڏٺو وڃي

 عدالت رمارڪس ۾ چيو ته گٽڪو ۽ مين پوڙي نسلن کي تباهه ڪري رهيو آهي، زهريليون شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

Ban on Gutko