حڪومتي ڪميٽي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف هڪ تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

اٽارني جنرل ذريعي جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحادي ۽ اپوزيشن ملڪ ۾ هڪ ئي تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ متفق آهن، ملڪ جي بهترين مفاد ۾ حڪومت ڳالهين جو عمل بحال ڪرڻ لاءِ تيار آهي

جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڌرين ۾ ڳالهين دوران مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۽ باقي اسيمبليون ڪڏهن ٽٽنديون ان جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي

 جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحادين ڳالهين ۾ لچڪ ڏيکاري، اسيمبلين کي وقت کان اڳ ٽوڙڻ تي به غور ڪيو ويو، حڪومت چونڊن بابت ڳالهين جو عمل ٻيهر به شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي