ملڪ جون معاشي حالتون جلد بهتر ٿينديون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس يقين آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون جلد بهتر ٿينديون.
پاڪ فضائيه جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ سمورن ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ڪيڊٽس جي والدين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.
وزيراعظم چيو ته پاڪ فضائيه هر چيلنج ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، پاڪ فضائيه پنهنجي شاندار پيشه ورانه صلاحيتن جي ڪري پوري دنيا ۾ نمايان آهي، مون کي يقين آهي ته هٿياربند فوج هميشه قوم جي اميدن جي مطابق پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي رهندي.
شهباز شريف چيو ته هن وقت دنيا موسمياتي تبديلي سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو سمورن ملڪن سان گڏيل مفادن جي بنياد تي مثبت لاڳاپا چاهين ٿا.
ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ٿيڻ ناممڪن آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارت آگسٽ 2019ع کان ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، اسان جي امن قائم ڪرڻ جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

  • شيئر