سنڌ حڪومت پهرين مئي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ حڪومت پهرين مئي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي حڪومت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پهرين مئي سومر جي ڏينهن عام موڪل هوندي.

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن ان حوالي سان سنڌ حڪومت عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

Government of Sindh announced public holiday on May 1