وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ٻڌايو ته جيڪڏهن مفتي عبدالشڪور حياتي هجي ها ته اعتماد جا ووٽ 181 هجن ها پر ان باوجود وزيراعظم 180 ووٽ حاصل ڪيا آهن

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين کي ڏنل مانجهاندي ۾ مشاورت ڪئي جنهن کان پوءِ هن اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

ذريعن موجب وزيراعظم اتحادي اسيمبلي ميمبرن سان مشاورت ڪئي ته اتحادين کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته اسان کي اوهان تي ڀروسو آهي اوهان ڪڏهن به ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺي سگهو ٿا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مقصد اهڙن ماڻهن کي پيغام ڏيڻ آهي جيڪي اهو سمجهن ٿا ته وزيراعظم ڪمزور آهي يا پارليامينٽ وزيراعظم سان گڏ نه آهي.