حڪمران اتحاد جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪمران اتحاد جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

 ذريعن موجب حڪومت جي اتحادي پارٽين فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ فيصلو ڪندي ته چونڊون ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪرايون وينديون

اتحادي پارٽين فيصلو ڪيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي ويندي، پر ڪنهن جي انا، ضد ۽ خواهش تحت فيصلا نٿا ڪري سگهجن

حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو فورم استعمال ڪيو ويندو، اُن ڪيٽي ۾ اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل ڪيا ويندا

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چونڊن لاءِ فنڊز بابت پارليامينٽ فيصلو ڪري چڪي آهي، پارليامينٽ جو فيصلو مٿانهون آهي، سڀني کي اُن جو احترام ڪرڻ گهرجي

اجلاس ۾ آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اتحادي پارٽين جَي اڳواڻن شرڪت ڪئي، قانون جي وفاقي وزير پاران سُپريم ڪورٽ جي فيصلن بابت بريفنگ ڏني وئي