سنڌ جي جيلن تي دهشتگرد حملن جو خطرو، انتظام سخت ڪرڻ جا حڪم

سنڌ جي جيلن تي دهشتگردن جي امڪاني حملن جو خطرو، آءِ جي جيل پاران حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

آءِ جي جيل عيد جي موقعي  تي جيلن جي سيڪيورٽي بابت سپرنٽينڊنٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان کي خبر آهي ته سنڌ جي  جيلن خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد  ۽ سکر ۾ سيڪيورٽي خدشا آهن

خط ۾ چيو ويو آهي ته پابندي پيل تنظيمن کان سيڪيورٽي کٽڪن کي نظر ۾ رکندي انتظامن جي ضرورت آهي، جيل جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا  ڪتب آندا وڃن

خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورا آفيسر لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطي ۾ رهن، سمورا سپرنٽينڊنٽس انتظامن جي پاڻ نگراني ڪن ۽ ڊي آءِ جي جيل کي رپورٽ ڪن

خط موجب پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت ڪنهن به ملازم کي عيد تي هيڊ ڪوارٽر ڇڏڻ  جي موڪل نه ڏني وڃي، عيد جي موڪلن ۾ قيدين کي ٽن ڏينهن تائين مائٽن سان ملڻ جياجازت ڏني وڃي

The threat of terrorist attacks on the jails of Sindh