قومي اسيمبلي چونڊن لاءِ 21 ارب روپيا جاري ڪرڻ وارو مطالبو اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي چونڊن لاءِ 21 ارب روپيا جاري ڪرڻ وارو مطالبو اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏيو

اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران فنڊز جي معاملي تي ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي، ڪميٽي 21 ارب روپيا جاري نه ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي

ايوان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، وفاقي ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ کي سڌي ريت فنڊز ڏيڻ کان روڪيندي معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن اُماڻيو هو

قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جو رقم جاري ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي، اها رقم جار ڪرڻ جو استحقاق ناڻي جي وزارت ۽ قومي اسيمبلي وٽ آهي

آئين ۾ چونڊن لاءِ فنڊز بابت طريقيڪار موجود آهي، عدالت کي آئيني حدن ۾ رهي ايڪشن کڻڻ گهرجي