سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ 27 رمضان تي موڪل جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت 27 رمضان تي سموري صوبي جي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت 27 رمضان 18 اپريل تي سموري صوبي جي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي 21 کان 25 اپريل تائين عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت طرفان به ساڳين تاريخن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي پر سنڌ حڪومت اڃان تائين عيد جي موڪلن جو اعلان نه ڪيو آهي.