پاڪستان نيوزيلينڊ کي پهرين ٽي-20 ميچ ۾ 88 رنز تان هارائي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان نيوزيلينڊ کي پهرين ٽي-20 ميچ ۾ 88 رنز تان هارائي ڇڏيو، حارث رئوف مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

لاهور جي قذافي استيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 182 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي

پاڪستان طرفان فخر زمان ۽ صائم ايوب شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 47- 47 رنز ٺاهيون جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 9 ۽ محمد رضوان رڳو 8 رنز ٺاهي پويلين واپس موٽي ويا جنهن بعد صائم ايوب ۽ فخر الزمان وچ۾ شاندار ڀائيواري قائم ٿي

نيوزيلينڊ طرفان ميٽ هينري شاندار بالنگ ڪرائيندي هيٽ ڪئي، هن لاڳيتو ٽن بالن تي شاداب خان، افتخار احمد ۽ شاهين شاهه آفريدي کي آئوٽ ڪيو، ايلن ملني ۽ بين ليسٽر پڻ 2-2 وڪيٽون وٺي ويا

جواب ۾ 183 رنز جي هدف پٺيان مهمان ٽيم جا رانديگر پاڪستاني بالرن جي اڳيان بيوس نظر آيا ۽ پوري ٽيم 94 رنز تي ڍير ٿي وئي، مارڪ چيپمين 34 ۽ ٽام ليٿن 20 رنز ٺاهي نمايان رهيا، پاڪستان طرفان حارث رئوف شاندار بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون کيس مين آف دي ميڍ قرار ڏنو ويو