نئين ۽ پُراڻي پاڪستان جون ڳالهيون ڇڏي اسان جي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته نئين ۽ پُراڻي پاڪستان جون ڳالهيون ڇڏي اسان جي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، طاقت جو محور عوام ئي آهي، آئين چوي ٿو عوام جي چونڊيل نمائندن وسيلي اختيار استعمال ٿيندو، پارليامينٽ ۽ آئين عوامي راءِ جو مظهر آهن، عوام جا چونڊيل نمائندا منزل طئه ڪن، فوج ملڪي ترقي جي سفر ۾ سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي

قومي سلامتي بابت قومي اسيمبلي جي اِن ڪئميرا اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير خيالن جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ عسڪري قيادت اهم قومي معاملن تي ايوان کي اعتماد ۾ ورتو

آرمي چيف چيو آهي ته دهشتگردن وٽ رياست جي رِٽ کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي، دهشتگردن سان ڳالهين جو نتيجو سندن ڌڙابندي جي صورت ۾ سامهون آيو، هي ڪو نئون آپريشن نه، پر هول آف نيشن ايپروچ آهي، هن مهم ۾ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ حڪومت جا سمورا اسٽيڪ هولڊرز شامل آهن

هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ دائمي امن لاءِ پُرعزم آهن، اُن سلسلي ۾ روزانو انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري آهن

آرمي چيف آئين کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ميمبرز کي واڌايون ڏنيون، ميمبرز پاران ڊيسڪ وڄائي آرمي چيف جي آجيان ڪئي وئي