سپريم ڪورٽ جو حڪم وفاق تي حملو قرار: پارليامينٽ جو تحفظ ڪنداسين: حڪومتي اتحاد

حڪمران اتحاد عدالتي سڌارن واري بل تي عملدرآمد کان روڪڻ وارو سپريم ڪورٽ جو حڪم رد ڪري ڇڏيو آهي

عدالتي فيصلو وفاق تي حملو ۽ سينيئر ترين ججز تي عدم اعتماد جو اظهار قرار ڏنو ويو آهي

وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪمران اتحاد جي ٿيل اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ۾ شامل اتحادي جماعتون عدالتي ناانصافي کي نامنظور ڪندي ڀرپور مزاحمت ڪنديون

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سموريون جماعتون نظام ۾ عدل ۽ انصاف آڻڻ لاءِ مشاورت ڪري مستقل جي حڪمت عملي تيار ڪنديون ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي موجوه بحران مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي

حڪومتي اتحاد موجب پارليامينٽ عوام جي نمائندگي جو فورم آهي، پارليامينٽ جي آئيني اختيارن جو تحفظ ۽ دفاع ڪيو ويندو

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صوبائي بار ڪائونسلز جا خدشا صحيح ثابت ٿيا، اميد آهي بار ڪائونسلز آئين سان جاري سنگين مذاق جو نوٽيس وٺنديون

حڪومتي اتحاد چيو آهي ته ، اهو فيصلو نه پر وَن مين شو آهي، انهي فيصلي کي تاريخ ۾ ڪارَي باب طور ياد ڪيو ويندو