ترقياتي منصوبن ۾ نقصان جو الزام: پرويز الاهي ۽ ٻين خلاف نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

لاهور: نيب گجرات ۽ منڊي بهاءُالدين جي ترقياتي منصوبن ۾  حڪومت کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، سندس پٽ مونس الاهي ۽ ٻين خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب طرفان سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو کي لکيل خط ۾ گجرات ۽ منڊي بهاءُالدين جي مالي سال 2022-23 جي تعميراتي ٺيڪن، ترقياتي منصوبن جي ٽينڊرز، ادائيگين، پرفارمنس، گارنٽي ۽ ڪم جي معيار جا تفصيل 14 اپريل تائين طلب ڪيا ويا آهن.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب ٽينڊرز ۾ قانون جي ڀڃڪڙي، وقت کان اڳ ادائيگين، ڪروڙين روپين جي ڪميشن سميت ٻين الزامن جي جاچ ڪري رهيو آهي. پرويز الاهي، مونس الاهي ۽ علي افضل ساهي تي قومي ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

چيف انجنيئر نارٿ گجرات جي اسڪيمن ۾ مبينه غبن ۽ معيار چيڪ ڪرڻ لاءِ نيب طرفان ٽيمون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته نيب لاهور جا اهلڪار به سي اينڊ ڊبليو جي معائنه ڪار ٽيمن ۾ شامل هوندا. نيب ذريعن موجب پرويز الاهي دور ۾ گجرات ۽ منڊي بهاءُالدين ۾ 100 ارب کان وڌيڪ جون اسڪيمون رکيون ويون هيون جن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جو الزام آهي.

  • شيئر