سردار تنوير الياس جي برطرفي کانپوءِ خواجا فاروق احمد آزاد ڪشمير جو وقتي وزيراعظم مقرر

سردار تنوير الياس جي نااهلي ۽ برطرفي کانپوءِ خواجا فاروق احمد آزاد ڪشمير جو وقتي وزيراعظم مقرر ٿي ويو، خواجا فاروق احمد نئين قائد ايوان جي چونڊ ٿيڻ تائين وزيراعظم طور ڪم ڪندو رهندو

 آزاد ڪشمير جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، خواجا فاروق احمد مظفر آباد مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊون کٽي قانونساز اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو هو

 پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ وزيراعظم سردار تنوير الياس کي آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏيندي برطرف ڪري ڇڏيو هو

 اليڪشن ڪميشن تنوير الياس کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو گذريل ڏينهن نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو، خواجا فاروق احمد کي آزاد ڪشمير جو وقتي طور تي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي