ڪراچي:بالي ووڊ اداڪار سلمان خان لاءِ هڪ ٻي ڌمڪي واري ڪال ممبئي پوليس کي وصول ٿي جنهن ۾ اڻڃاتل شخص اداڪار کي جلد قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ممبئي جي مين پوليس ڪنٽرول روم ۾ پوليس کي ڪال موصول ٿي جنهن ۾ هڪ شخص چيو ته هو سلمان خان کي 30 اپريل تي قتل ڪندو
رپورٽ موجب ان فون ڪال کان پوءِ پوليس جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ نمبر جي جاءِ جو پتو لڳائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون، پوليس ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪال جي جاءِ جو پتو لڳائي ورتو جنهن موجب ڪال ممبئي کان 70 ڪلوميٽر پري جي علائقي کان ڪئي وئي هئي
ڀارتي پوليس موجب علائقي ۾ ڪارروائي ڪرڻ بعد خبر پئي ته ڪال 16 ورهين جي ڇوڪري ڪئي هئي جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇوڪري جو واسطو راجسٿان جي شهر جوڌپور سان آهي
وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جوابدار جو ارادو ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي. ميڊيا موجب سلمان خان کي گذريل مهيني اي ميل ذريعي به قتل جي ڌمڪي ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ سندس سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي