آئين کي قراردادن سان تبديل نه ٿو ڪري سگهجي: فواد چوڌري

لاهور: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري سينيٽ مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته آئين کي قراردادن سان تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ خلاف ٺهراءَ پيش ڪندڙ آئين خلاف ڪم پيا ڪن

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائيندي، تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي پٺيان بيٺل هوندي

هن چيو ته  پنجاب جو نگران وڏو وزير عدالت جي توهين ڪري رهيو آهي، نگران وڏو وزير اهڙا اختيار استعمال پيو ڪري ڄڻ هو چونڊيل وڏو وزير هجي، نگران وڏو وزير مقررين ۽ بدلين جا اختيار به استعمال ڪري رهيو آهي