قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان سمورين اسيمبليز جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ وارو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به سمورين اسيمبليز جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي

سينيٽر طاهر بزنجو پاران پيش ڪيل ٺهراءَ جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني وئي

ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، آئين تحت نگران سيٽ اپ ۾ سموريون چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن، پنجاب ۾ ڌار ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ سان عام چونڊن جا نتيجا متاثر ٿيندا، وفاق ۾ ننڍن صوبن جو ڪردار متاثر ٿيندو

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ٻين صوبن جو اسيمبليون به ٽوڙي هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڀلي هڪ ئي وقت تي ٿئي پر اليڪشن ليٽ نه ٿي ڪري سگهجي

سينيٽر مشتاق احمد چيو ته اليڪشن جي تاريخ ليٽ ڪرڻ جي آئين ۾ ڪا به گنجائش  نه آهي، ٻيون صوبائي حڪومتون به ختم ڪري جلد اليڪشن ڏانهن وڃڻ گهرجي