پي ٽي آءِ نگران حڪومت کي مقررين ۽ بدلين جا مڪمل اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف نگران حڪومت کي مقررين ۽ بدلين جا مڪمل اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪري ڇڏيو.
عدالت ۾ درخواست تحريڪ انصاف طرفان فواد چوڌري داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن، پنجاب حڪومت ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته هڪ ئي نوٽيفڪيشن ذريعي اليڪشن ڪميشن مقررين ۽ بدلين جو مڪمل اختيار ڏي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو قدم اليڪشن ايڪٽ ۽ عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي آهي.
فواد چوڌري طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مقررين ۽ بدلين لاءِ قانوني جواز هجڻ آئيني ۽ قانوني گهرج آهي، نگران حڪومت کي سياسي مفادن لاءِ مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت مقرررين ۽ بدلين جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي.