توشه خانه ڪيس: ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 11 اپريل تائين ملتوي

اسلام آباد: عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 11 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.
ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جلد ٻڌڻي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ٿيو.
پوليس طرفان عمران خان کي نوٽيس پهچائڻ جي تعميلي رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي. عمران خان طرفان سندس سندس جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو هن چيو ته اسان جي ڪنهن به سينئر وڪيل نه ئي وري عمران خان کي نوٽيس مليو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جلد ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن تي عدالت دليل طلب ڪيا هئا.