پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله جو تفصيلي نوٽ جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله جو فيصلو سامهون اچڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي حامي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي سندس مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله جو تفصيلي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس 4-3 سان رد ٿي ويو. پاڻمرادو نوٽيس جي ڪارروائي عدالت کي غير ضروري سياسي تڪرار ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله جو فيصلو سامهون اچڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي حامي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي سندس مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته جڏهن جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو ته هن عورت جج ڌمڪي ڪيس سميت ٻين ڪيسن ۾ عمران خان جي حق ۾ فيصلا ڪيا هئا. ان وقت عمران خان چيو هو ته هو جسٽس اطهر من الله جو هر فيصلو مڃيندو.