عارف علوي ثابت ڪيو ته هو صدر نه پر پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل آهي: شيري رحمان

وفاقي وزير شيري رحمان عدالتي سڌارن واري بل بابت صدر جي موقف تي ردعمل  ڏنو آهي ته صدر عارف علوي ثابت ڪيو ته هو ملڪ جو صدر نه پر پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل آهي

پنهنجي ٽويٽ ۾ شيري رحمان چيو ته عارف علوي پارليامينٽ جي هر فيصلي کي تحريڪ انصاف جي نظر سان ڏٺو آهي

هن چيو ته  پارليامينٽ مان منظور ڪرايل بل ملڻ کان اڳ ئي هڪ انٽرويو ۾ هو پنهنجو موقف ڏئي چڪو هو، عارف علوي صدر جي آئيني عهدي نه پر پنهنجي پارٽيءَ جي پاليسي تي هلي رهيو آهي

شيري رحمان چيو ته صدر چوي ٿو ته هي بل پارليامينٽ جي اختيارن کان ٻاهر آهي،  ساڍن ٽن سالن تائين هو صدر هائوس کي آرڊيننس فيڪٽري جيان هلائيندو رهيو، هو پارليامينٽ جي اختيارن کان ڪيئن واقف ٿي سگهي ٿو، صدر پارليامينٽ کي قانونسازي نه سيکاري