صدر عدالتي سڌارن وارو بل نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: صدر عارف علوي عدالتي سڌارن وارو بل نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو،  سپريم ڪورٽ جي قاعدن ۽ ضابطن وارو بل 2023 پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر قرار ڏنو ويو

 صدر وزيراعظم شهباز شريف کي خط به لکي ڇڏيو، صدر عارف علوي پنهنجي ٽويٽس ۽ خط ۾ چيو  آهي ته ظاهري طور هي بل پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي، قانوني طور مصنوعي ۽ اڻپورو هئڻ سبب هي بل عدالت ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو، منهنجي خيال ۾ هن بل کي پوري جاچ پڙتال ۽ نظرثاني لاءِ واپس ڪرڻ مناسب آهي

صدر چيو ته آئين سپريم ڪورٽ کي اپيل، ايڊوائزري، ريويو ۽ شروعاتي ٻڌڻيءَ جو اختيار ڏئي ٿو، آرٽيڪل 191 سپريم ڪورٽ کي عدالتي ڪارروائي ۽ طريقيڪار ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو

صدر چيو ته  سپريم ڪورٽ جي جاچ پڙتال ڪيل ۽ طئي ٿيل قاعدن ضابطن سان ڇيڙڇاڙ عدالت جي خودمختياري ۽ آزادي ۾ مداخلت ڪرڻ برابر ٿي سگهي ٿي

صدر عارف علوي پنهنجي ٽويٽس ۽ خط ۾ چيو  آهي پارليامينٽ کي سپريم ڪورٽ کانسواءِ باقي سمورين عدالتن جي اختيارن بابت قانونسازي ڪرڻ جو اختيار آهي

Revision LawThe President sent the Judicial Reform Bill