مريم اورنگزيب پاران پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ حڪمران پارٽين جي اميدوارن جا ڪاغذ واپس وٺڻ بابت افواهن جي ترديد

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ حڪمران پارٽين جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ بابت افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته حڪمران اتحادي پارٽين جي قيادت اهڙو ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو.
هن چيو ته اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽيون سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون چاهين ٿيون پر ڪاغذ واپس وٺڻ جون خبرون بي بنياد ۽ من گھڙت آهن.
هن ميڊيا تي پڻ زور ڏنو ته اهڙيون خبرون شايع ڪرڻ کان اڳ پارٽي جي ترجمانن کان تصديق ڪري.