سيڪيورٽي فورسز پابندي پيل بلوچ نيشنل آرمي جي باني گلزار امام کي گرفتار ڪري ورتو

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز  بلوچستان ۾ ڪارروائي دوران بندش پيل تنظيم جي باني ۽ انتهائي گهربل دهشتگرد گلزار امام کي گرفتار ڪري ورتو آهي

آءِ ايس پي آر موجب گلزار امام بندش پيل تنظيم بلوچستان نيشنل آرمي جو باني ۽ اڳواڻ آهي، ويڙهاڪ تنظيم بي اين اي بلوچ ريپبليڪن آرمي ۽ يونائيٽڊ بلوچ آرمي جي انضمام سان وجود ۾ آئي هئي

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد تنظيم بي اين اي پنجگور ۽ نوشڪي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ ملوث آهي، آءِ ايس پي آر موجب بلوچ نيشنل آرمي پاڪستان ۾ درجنين دهشتگرد حملن جي ذميوار آهي، گلزار امام 2018 تائين بلوچ ريپبليڪن آرمي ۾ براهمداغ بگٽي جو نائب به رهيو

آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گلزار امام بلوچ راجوئي آجائي سنگر جي جوڙجڪ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جو آپريشنل سربراهه به رهيو، گلزار امام جا ڀارت ۽ افغانستان جا دورا به ريڪارڊ تي آهن

گلزار امام کي مڪمل منصوبابندي سان هڪ ڪامياب آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو، سندس گرفتاري بي اين اي ۽ ٻين ويڙهاڪن گروپن لاءِ وڏو جهٽڪو آهي، گلزار امام جي ملڪ دشمن انٽيليجنس ادارن سان رابطن جي جاچ به ڪئي پئي وڃي

Security forces arrested Gulzar Imam