ڪا سياسي پارٽي چونڊن کان نٿي ڀڄي سگهي،وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد :

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪا سياسي پارٽي چونڊن کان نٿي ڀڄي سگهي،جيڪو قانون ڪنهن ٻئي لاءِ ٺاهيو، اهو پاڻ تي به لاڳو ڪيو.
لائرز ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 ججن جي بئنچ ٺهي، جيڪا 3 ججن تائين پهتي، فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته فيصلي سان ڪير اختلاف ڪري ها؟
هن چيو ته وڪيلن جو واسطو قانون جي حڪمراني لاءِ قربانيون ڏيندڙ طبقي سان آهي، وڪيلن جيڪو مقام حاصل ڪيو، اهو پليٽ ۾ رکي نه ڏنو ويو، وڪيلن عدليا جي بحالي لاءِ قربانيون ڏنيون.
سندس موجب اسان کي حڪم ڏنو ويندو آهي ته وزيراعظم اڪيلو ڪجهه ناهي ڪابينا سان گڏ آهي، جيڪي اسان کي حڪم ڏين ٿا ته اهي پاڻ تي به لاڳو ڪن، نظريه ضرورت پاڪستان کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي، ججن ۽ عدليا جو اسان سڀني کي احترام ڪرڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن ٻئي لاءِ ٺاهيو اهو پاڻ تي به لاڳو ڪيو، قانون کي وڏي هٺ سان ري رائيٽ ڪيو ويو، اسان سڀني کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي.
وزيراعظم چيو ته ڪا سياسي جماعت چونڊن کان نٿي ڀڄي سگهي، جيڪا پارٽي ائين ڪندي، ان جي سياست ان ئي ڏينهن دفن ٿي ويندي.

No political party can run away from elections