ريٿڪ روشن ۽ اداڪار راما رائو جلد آمهون سامهون ٿيندا

ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار ريٿڪ روشن جي هڪ نئين ايندڙ فلم جي شوٽنگ جاري آهي.
شوقينن ريٿڪ روشن جي نئين فلم ”وار“ جي سيڪوئل جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ هڪ خوشخبري سامهون آئي آهي، جيڪا مداحن جي بيچيني کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيندي.
ميڊيا رپورٽن موجب فلم ”وار 2“ فلم ۾ ريٿڪ روشن سان نه رڳو دپيڪا پوڊوڪون هوندي پر ڏکڻ ڀارت جو بهترين اداڪار اين ٽي راما رائو به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو.
اميد ڪئي پئي وڃي ته ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور اها فلم هلندڙ سال جي آخر تائين سينيما گھرن ۾ پيش ڪئي ويندي.