ڊالر هڪ ڀيرو وري تاريخي بلندي تائين پهچي ويو

ڪراچي: پاڪستان ۾ ڊالر جو اگهه هڪ ڀيرو وري تاريخي بلندي تائين پهچي ويو . انٽربينڪ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر 2 رپيا 96 پئسا  مهانگو ٿي ويو .

انٽر بينڪ ۾ ڊالر 288 رپين ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊالر جي اگهه ۾ هڪ رپيو 25 پئسا واڌارو ٿيو هو .