وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن)جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس اڄ ٻنپهرن جو هڪ وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس بابت حڪمت عملي تي مشاورت ٿيندي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ ميمبرن جي راءِ به ٻڌندو.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پارلياماني پارٽي اجلاس کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.