عمران خان کي سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ واري درخواست تي وفاق ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ واري درخواست تي وفاق ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،  6 اپريل تي جواب طلب ڪيو ويو آهي

عدالت گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي بيان خلاف ۽ عمران خان جي سڪيورٽي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي هلائي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا عمران خان  کي اڳوڻي وزيراعظم طور سڪيورٽي نه ٿي ڏني وڃي؟ ڪنهن کي  خطرو هجي ته سڪيورٽي جو ڇا طريقيڪار آهي؟

وڪيل فيصل فريڊ ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته عمران خان کان سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، پوليس جنهن جي ماتحت آهي اهو ئي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد حڪومت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي